اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۾ غزه ۾ احتجاج ڪندڙ وڌيڪ 1 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويو

israel

اسرائيلي فورسز جي فائرنگ ۾ غزه ۾ احتجاج ڪندڙ وڌيڪ 1 فلسطيني شهري شهيد ٿي ويو، 170 زخمي ٿي پيا، تازين اسرائيلي ڪاررواين ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 44 ٿي ويو.

 غزه بارڊر تي احتجاج ڪندڙ فلسطيني شهرين خلاف اسرائيلي فورسز پاران جاري پر تشدد ڪاررواين جو سلسلو نه رڪيو آهي، اسرائيلي فورسز تازي ڪارروائي ۾ احتجاج ڪندڙن مٿان  فائرنگ ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جو استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ 1 شهري خان يونس شهيد، جڏهن ته 170 زخمي ٿي پيا.

  فلسطيني تنظيم حماس پاران غزه بارڊر تي شروع ڪيل 6 هفتن وارو احتجاج 15 مئي تي ختم ڪيو ويندو، فلسطين جي زمين تي والار خلاف احتجاج دوران  اسرائيلي فوج پرتشدد ڪارروايون ڪري 44 فلسطينين کي شهيد ۽ سوين شهرين کي زخمي ڪيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*