راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

 ڪجهه ڏينهن اڳ مني لانڊرنگ ڪيس مان گرفتار ڪيل ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ڪسٽم جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

ڪسٽم اختيارين عدالت ۾ رڪارڊ پيش ڪندي ٻڌايو ته ايان علي کي 5 لک ڊالر اسمگل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو پر کائنس جاچ ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، ماڊل بيماري جو بهانو ڪري جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي.

ماڊل ايان علي عدالت کي آگاهي ڏني هن گهر وڪرو ڪيو هو، جنهن جي کيس رقم ملي هئي.

ماڊل ايان علي جي پيءُ چيو ته سندس ڌيءَ خلاف سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي هو ثابت ڪندو.

عدالت، ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*