ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظ نجيب رزاق ۽ سندس گهر واري مٿان ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي

cruption

ملائيشيا جي اڳوڻي وزيراعظ نجيب رزاق ۽ سندس گهر واري مٿان ٻاهرين ملڪ سفر ڪرڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، ملائيشيا جي اڳوڻي وزير اعظم ۽ سندس گهر واري ڪرپشن الزامن کي منهن ڏئي رهيا آهن.

عالمي خابرو داري جي رپورٽ موجب ڊائريڪٽر اميگريشن ملڪ جي سڀني ايئرپورٽس انتظاميا کي ان حوالي سان هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي.

 سفري پابندين بابت رد عمل ڏيندي نجيب رزاق ميڊيا کي ٻڌايو آهي ته اميگريشن ڊپارٽمينٽ کيس ۽ سندس ڪٽنب کي بليڪ لسٽ ڪرڻ جي فيصلي کان آگاهه ڪيو آهي، هو ملڪي قانون جو احترام ڪندو ۽ حڪومت جي ايندڙ حڪم تائين پرڏيهي سفر نه ڪندو.

 واضح رهي ته ملائيشيا جو اڳوڻو وزيراعظم ملڪ ۾ تازو ٿيل عام چونڊن ۾ هارائي ويو هو……

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*