انڊونيشيا ۾ 3 گرجا گهرن اندر خودڪش حملن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، 38 زخمي ٿي پيا

indonesia blast

انڊونيشيا ۾ 3 گرجا گهرن اندر خودڪش حملن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، 38 زخمي ٿي پيا.

 پوليس موجب سورابايا شهر ۾ دهشتگردن ڪيٿولڪ عيسائي برادري جي عبادت گاهن کي نشانو بڻايو، پهريون حملو سينٽ ماريا گرجا گهر ۾ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا موت جو کاڄ بڻيا، جنهن کان پوءِ خودڪش بمبارن شهر جي ٻين 2 گرجا گهرن ۾ پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ٻنهي گرجا گهرن ۾2، 2 ڄڻا اجل جو شڪار ٿيا.

پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي جي هنڌن تي پهچي لاشن ۽ زخمين کي اسپتال پهچايو ۽ حملن بابت جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*