ڏکڻ ڪوريا ايٽمي هٿيارن جي ٽيسٽ سائيٽ ختم ڪرڻ بابت اتر ڪوريائي اعلان جي آجيان ڪري ڇڏي

south korea secretry

ڏکڻ ڪوريا ايٽمي هٿيارن جي ٽيسٽ سائيٽ ختم ڪرڻ بابت اتر ڪوريائي اعلان جي آجيان ڪري ڇڏي.

 سئيول ۾ صدر مون جئه اِن جي ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته پيانگ يانگ جو اعلان ٻنهي ڪوريائي ملڪن جي سربراهي گڏجاڻي ۾ ڪيل وعدي تي عمل لاءِ اڳڀرائي جو مظهر آهي.

 بليو هائوس ۾ ڪيم يوئي ڪِيوم وڌيڪ چيو ته ڏکڻ ڪوريا اتر ڪوريا جي ڪيل اعلان جي آجيان ڪري ٿو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته  هو هلندڙ مهيني 23 کان 25 تاريخ تائين پنهنجي ايٽمي سائيٽ کي ختم ڪري ڇڏيندو.

 واضح رهي ته 12 جون تي آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ اترڪوريا جو صدر ڪم جونگ اُن سنگاپور ۾ سربراهي گڏجاڻي ڪري رهيا آهن، ٻنهي عالمي اڳواڻن جي ملاقات کي تاريخي موقعو قرار ڏنو پيو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*