امريڪي رياست هوائي جو ٻرندڙ جبل ماٺو نه ٿيو، ڀرسان گذرندڙ روڊ ۾ هڪ وڌيڪ ڏار پئجي ويو

HAWAII VOLCANO US -14518-3262

امريڪي رياست هوائي جو ٻرندڙ جبل ماٺو نه ٿيو، ڀرسان گذرندڙ روڊ ۾ هڪ وڌيڪ ڏار پئجي ويو.

  هوائي رياست ۾ ٻرندڙ جبل مان لاوو نڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ کان هليهه تائين روڊ ۾ 17 ڏار پئجي چڪا آهن.

  ٻرندڙ جبل مان لاوو نڪرڻ جي نتيجي ۾ ڀرپاسي جي ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پهتو آهي، جڏهن ته عملدارن پاران رهواسين کي محفوظ هنڌن طرف منتقل ڪرڻ سبب ڪو جاني نقصان نه ٿيو آهي.

  10 ڏينهن اڳ آمريڪي رياست هوائي جي سرسبز علائقي ۾ ٻرندڙ جبل مان “لاوو” نڪرڻ شروع ٿيو هو، ٻرندڙ جبل مان لاوو نڪرڻ جو نظارو ڪئيمرائن جي اک ۾ محفوظ ڪرڻ لاءِ سياحن جو وڏو انگ علائقي ۾ پهچي رهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*