سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ٻن جوابدارن جي ڦاهي روڪڻ واري درخواست رد ڪري ڇڏي

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري افضل ۽ فيصل نالي ٻن جوابدارن جي ڦاهي روڪڻ واري درخواست رد ڪندي چيو آهي ته قتل سمجهوتي جوڳو ڏوهه نه آهي، وارثن جي راضي نامي جي صورت ۾ به سندن سزا نه ٿي رد ڪري سگهجي، عدالتي فيصلي کانپوءِ ٻنهي جوابدارن کي سڀاڻي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي چاڙهيو ويندو.

افضل ۽ فيصل نالي جوابدارن 1998 ڌاري ڪورنگي ۾ ڌاڙي دوران مزاحمت تي عبدالجبار نالي شخص کي قتل ڪيو هو.

عدالت ۾ جوابدارن جي وارثن ڦاهي جي سزا روڪڻ جي استدعا ڪئي، جنهن کي عدالت رد ڪري ڇڏيو.

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته قتل سمجهوتي جوڳو ڏوهه نه آهي، تنهنڪري وارث جيڪڏهن جوابدار ڌر سان ٺهي به وڃن ته به سزا رد ڪري نه ٿي ڪري سگهجي.

عدالت پاران جوابدارن جي اپيل رد ٿيڻ کانپوءِ افضل ۽ فيصل کي سڀاڻي سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي چاڙهيو ويندو، ان سلسلي ۾ انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*