راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي

راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت مني لانڊرنگ ڪيس ۾ گرفتار ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، ماڊل ايان علي گذريل ڏينهن جيلر جي ڪمري ۾ ويهي ڪرڪيٽ ميچ ڏٺي.

 ڪجهه ڏينهن اڳ مني لانڊرنگ ڪيس مان گرفتار ڪيل ماڊل ايان علي جي ضمانت واري درخواست تي ڪسٽم جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي.

ڪسٽم اختيارين عدالت ۾ رڪارڊ پيش ڪندي ٻڌايو ته ايان علي کي 5 لک آمريڪي ڊالر اسمگل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ گرفتار ڪيو ويو پر کائنس جاچ ۾ اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي، ماڊل بيماري جو بهانو ڪري جاچ ۾ سهڪار نه ڪري رهي آهي.

ماڊل ايان علي عدالت کي آگاهي ڏني هن گهر وڪرو ڪيو هو، جنهن جي کيس رقم ملي هئي.

ماڊل ايان علي جي پيءُ چيو ته سندس ڌيءَ خلاف سازش ٿي رهي آهي، جنهن کي هو ثابت ڪندو.

عدالت، ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد ايان علي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي.

ماڊل ايان علي کي گذريل ڏينهن جيل جي باريڪ ۾ رکيو ويو، جتي هن ڪرڪيٽ ميچ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن تي کيس جيلر جي ڪمري ۾ وٺي وڃي

ميچ ڏيکاري وئي، ان موقعي تي هڪ اهلڪار پنهنجي کيسي مان ايان علي کي جوس پياريو، ايان علي کي صبح جو ناشتو به ٻاهران گهرائي ڏنو ويو، جنهن ۾

اڦراٽو ۽ آنو شامل هو پر ايان علي اهڙي ناشتي کي کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*