دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 12 مئي سانحي ڪيس ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو

Waseem-Akhter-Karachi-Maher-22517

دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 12 مئي سانحي ڪيس ۾ ميئر ڪراچي وسيم اختر ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو، جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري  ڇڏيو.

دهشتگردي جي خاتمي واري خاص عدالت ڪراچي ۾  12 مئي  2007ع تي پيش آيل سانحي ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، مئير ڪراچي وسيم اختر ۽ ٻيا جوبدار عدالت اڳيان پيش ٿيا.

 عدالت 12 مئي سانحي بابت داخل ٿيل مختلف 7 ڪيسن مان هڪڙي ڪيس ۾ مئير ڪراچي وسيم  اختر ۽ ٻين جوابدارن تي فرد جرم لاڳو ڪيو، سڀني  جوابدارن ڏوهه قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

 عدالت 23 جون تي گواهن کي طلب ڪندي ڪيس تي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*