نوابشاهه ۾ چوپائي مال جي واپارين پاران مال پڙي تي واڌو ناڪو ۽ ٽيڪس وٺڻ خلاف چوپايو مال کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

nawabshah

نوابشاهه ۾ چوپائي مال جي واپارين پاران مال پڙي تي واڌو ناڪو ۽ ٽيڪس وٺڻ خلاف چوپايو مال کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

چوپائي مال جي واپارين فتح محمد، ماهي خان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نوابشاهه پريس ڪلب آڏو چوپايو مال بيهاري دوڙ مال پڙي تي واڌو ناڪو ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو.

احتجاج ڪندڙ واپارين چيو ته دوڙ مال پڙي تي ناڪو 50 رپين مان وڌائي 100 رپيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٽيڪس 400 مان وڌائي 800 رپيا ڪري کين پريشان ڪيو پيو وڃي.

هنن گهر ڪئي ته مال پڙين جي ٺيڪيدارن کي ناڪو ۽ لکت جي وصولي مناسب وٺڻ جو پابند بڻايو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*