دولتپور صفن ۾ مقتول شاگرد سجاد جوکيو جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو

dolat pur sufan student

دولتپور صفن ۾ مقتول شاگرد سجاد جوکيو جي وارثن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ چوٿين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مقتول شاگرد جي وارثن قربان جوکيو، معشوق جوکيو ۽ بلال جوکيو جي اڳواڻي ۾ دولتپور صفن پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو.

مقتول نوجوان جي وارثن چيو ته 4 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس پٽي ڀائي جوابدارن کي گرفتار نه ڪري رهي آهي.

هنن الزام مڙهيو ته جوابدار ايس ايس ايڇ او سرور زرداري کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهيو آهي.

هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن ڪيس ۾ نامزد جوابدار پوليس اهلڪارن کي گرفتار نه ڪيو ويو ته نوابشاهه ۾ زرداري هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻندا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*