آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا رتو ديرو ۾پوليس رپورٽنگ سينٽر جو افتتاح ڪندي

ad khuwaja

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا رتو ديرو ۾پوليس رپورٽنگ سينٽر جو افتتاح ڪندي چيو آهي ته  شفاف اليڪشن ڪرائڻ لاءِ پوليس کي ذميواريون ادا ڪرڻيون آهن.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته ميهڙ واقعي جي جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي ۽ جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن،انصاف ٻنھي ڌرين کي ملندو، ڪنھن سان به ناانصافي نه ٿيندي.

ھن چيو ته سنڌ۾ امان جي صورتحال ڪافي بھتر ٿي آھي، اغوا جون وارداتون گهٽجي ويون آهن.

رپورٽنگ سينٽر جي افتتاح جي موقعي تي ان آءِ جي سنڌ کي گلدستو پيش ڪندڙ 10 ورهين جي نينگر گنيش آءِ جي سنڌ کان ٻارڙن  جي اغوا وارن واقعن بابت سوال ڪري ورتو، جنھن تي اي ڊي خواجه معصوم ٻار کي پيار ڪيو ۽ معصوم ٻار جي ذھانت جي تعريف ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ٽيلنٽ موجود آھي.

آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته سنڌ جي هر ٻار کي تحفط فراهم ڪيو ويندو …………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*