ڪنڌڪوٽ ۾شاعر ۽ صحافي فيض بخشاپوري رح جي 26هين ورسي ملهائي وئي

khand kot

ڪنڌڪوٽ ۾شاعر ۽ صحافي فيض بخشاپوري رح جي  26هين ورسي ملهائي وئي.

ڳوٺ فيض آباد ۾ٿيل تقريب ۾ دانشور، شاعر، اسڪالرز ۽ صحافين وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي سيد قلندر شاهه لڪياري، پروفيسر عابد لغاري ۽ ٻين چيو ته فيض بخشاپوري رڳو سنڌ نه پرملڪ جو عظيم شاعر هو.

هنن وڌيڪ چيو ته هو فقيراڻي طبيعت وارو ۽ انسان دوست هو، سندس عرس سرڪار طرفان ملهائڻ گهرجي.

تقريب ۾ ڪتاب جو پڻ مھورت به ڪيو ويو.مڪالا پڙھي فيض بخشاپوري کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي…………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*