آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ اجلاس دوران صوبي ۾ امن امان ۽ پوليو مهم دوران سيڪيورٽي جي صورتحال جو جائزو ورتو، ڪراچي پوليس 16 کان 23 مارچ تائين ٻيلهه سواري تي پابندي لڳائڻ جي سفارش ڪئي، آءِ جي سنڌ مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

 آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي مذهبي عبادتگاهن ۽ حساس هنڌن جي سڪيورٽي وڌائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي پوليس چيف پوليو مهم لاءِ سڪيورٽي خدشن سبب 16 کان 23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاءِ سفارش ڪري ڇڏي آهي.

سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي جي صدارت هيٺ سڪيورٽي جي حوالي سان اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پوليس چيف، ڊي آءِ جيز ۽ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز شرڪت ڪئي.

اجلاس ۾ ايس ايس پيز ۽ ڊي ايس پيز پاران آءِجي سنڌ غلام حيدر جمالي کي مذهبي عبادتگاهن، اهم شاهراهن ۽ پارڪن جي سڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي.

ڪراچي پوليس چيف غلام قادر ٿيٻو پوليو مهم جي ڪاميابي لاءِ 16 کان23 مارچ تائين پابندي جي سفارش ڪئي.

آءِ جي سنڌ پوليس عملدارن کي هدايت ڪئي ته عوام جي جان ۽ مال جي حفاظت يقيني بڻائڻ لاءِ اهم هنڌن توڙي مذهبي عبادتگاهن جي سڪيورٽي وڌائي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*