دهشتگردي ٽوڙ عدالت سڪيورٽي خدشن سبب ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ڪارروائي سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، سڪيورٽي خدشن سبب ايئرپورٽ حملي ڪيس جي ڪارروائي سينٽرل جيل منتقل ڪري ڇڏي آهي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سيڪيورٽي خدشن سبب ڪيس جي ڪارروائي ڪراچي سينٽرل ۾ ڪئي، جنهن دوران گواهه پيش نه ٿيا.

عدالت ڪارروائي دوران شاهدن جي حاضري يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏيندي کين ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت جيل اندر مختصر ڪارروائي بعد 24 مارچ تائين ٻڌڻي ملتوي ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي شاهدن جي حاضري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*