سنڌ هاءِ ڪورٽ اين ايڇ اي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر جي اغوا ڪيس ۾ پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام شبير شيخ جي اغوا ڪيس ۾ پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي دوران ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کي 18 نومبر تي طلب ڪري ورتو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد علي شيخ پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ڪري ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کي طلب ڪيو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته ڪيس بابت ڪي به تفصيل پيش نه ڪيا ويا آهن ۽ نه وري سندن بازيابي لاءِ ڪي به اثرائتا اپاءُ ورتا ويا آهن.

عدالت ايس ايس پي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي مٽياري کي 18 نومبر تي ذاتي طور پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ دولتپور ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر غلام شبير شيخ کي اغوا ڪيو هو، جنهن جو اڃا تائين پتو نه پئجي سگهيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*