سڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي علائقي ڪلي آلماس ۾ آپريشن دوران لشڪر جهنگوي بلوچستان جي سربراهه سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا

ISPR-16816

سڪيورٽي فورسز پاران بلوچستان جي علائقي ڪلي آلماس ۾ آپريشن دوران لشڪر جهنگوي بلوچستان جي سربراهه سميت 3 دهشتگرد مارجي ويا، دهشتگردن جي فائرنگ ۾ ڪرنل سهيل عابد شهيد ۽  4 جوان زخمي ٿي پيا.

آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ڳجهو اطلاع ملڻ تي سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو.

آپريشن دوران دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ملٽري انٽيليجنس جو ڪرنل سهيل عابد شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 4 جوان زخمي ٿي پيا، جن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران لشڪر جهنگوي بلوچستان جو سربراهه سلمان باديني به مارجي ويو، جڏهن ته 2 آپگهاتي بمبار به آپريشن ۾ مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد هزاره ڪميونٽي جي 100 کان وڌيڪ ماڻهن ۽ پوليس اهلڪارن جي قتل ۾ ملوث هئا.

هوڏانهن پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف پاران ڪرنل جوزف جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ تمام وڏيون قربانيون ڏنيون آهن…………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*