لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ داخل درخواستون نه ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيون آهن

Lahore-High-Court-81116

لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف خلاف  آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪرڻ لاءِ داخل درخواستون نه ٻڌڻ جوڳيون قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيون آهن.

گذريل ڏينهن لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف جي پاڪستان عوامي تحريڪ جي اڳواڻ خرم نواز گنڊا پور ۽ آفتاب احمد ورڪ جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.

فيصلو جسٽس، شمس محمود مرزا درخواستن تي فيصلو محفوط ڪيو.

اڄ عدالت درخواستن کي خارج ڪندي درخواستگذارن کي لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو هو ته نوازشريف ملڪ خلاف تڪراري بيان ڏئي رهيو آهي، سندس خلاف آرٽيڪل 6 تحت ڪارروائي ڪئي وڃي……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*