آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته عورتن ۽ ٻارن جا معاملا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا

Ig-Sindh-Khawaja-151016

آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو آهي ته عورتن ۽ ٻارن جا معاملا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ چاهيون ٿا، جيڪي پوليس آفيسر عورتن ۽ ٻارن جا مسئلا ڪرڻ ۾ وڌيڪ دلچسپي وٺندا انهن جي پگهارون ۾ اضافو ڪيو ويندو.

ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪٽ سينٽر جو افتتاح ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجا چيو ته پهرين ٿاڻن تي جيڪي عورتون مسئلا کڻي اينديون هنيون ته انهن کي چيو ويندو هو ته توهان جو گهر جو مسئلو آهي پاڻ وڃي حل ڪيو.

هن چيو ته عورتن جا مسئلا حل نه ٿيڻ ڪري معاشري م مسئلا وڌن ٿا، تنهن ڪري عورتن ۽ ٻارن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا.

هن چيو ته صوبي ۾ جيڪي به وومين ٿاڻا آهن، انهن کي وومين اينڊ چائلڊ پروٽيڪٽ سينٽر جو نالو ڏنو ويو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*