پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آلرائونڊر محمد حفيظ کي شو ڪاز نوٽس ڏيڻ جو فيصلوڪري ورتوآهي

Hafeez-Cricket-2816

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ آلرائونڊر محمد حفيظ کي شو ڪاز نوٽس ڏيڻ جو فيصلوڪري ورتوآهي.

ذريعن مطابق محمد حفيظ غيرملڪي نشرياتي اداري کي انٽرويو ۾ آءِ سي سي تي تنقيد ڪئي هئي،جنهن تي محمد حفيظ خلاف ضابطه اخلاف جي خلاف ورزي تي ڪاروائي ٿيندي.

واضح رهي ته محمد حفيظ برطانوي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي بالنگ ايڪشن کي جانچڻ واري معيار کي مت ڀيت واري قرارڏيندي آءِ سي سي تي سخت تنقيد ڪئي هئي ۽الزام مڙهيو هو ته ڪٿي طاقت،ڪٿي لاڳاپا قانون تي اثر انداز ٿيندا آهن.

محمد حفيظ سوال اٿاريندي چيو هو ته ڇا انساني اک صرف هڪ ڊگري جو فرق ڏسي سگهي ٿي؟

رپورٽ ڪندڙن کي منهنجي 16ڊگري جو ٻانهن ۾خم نظر اچي ويو ۽ٻين جو 25 ۽30 ڊگري جو خم به نظر نٿو اچي.

هن وڌيڪ چيوته ڪجهه ڪرڪيٽ بورڊز جي طاقت سامهون ڳالهائڻ نٿو چاهيا،باقي لاڳاپا خراب ٿيڻ جي ڊپ کان انهن کي رعائت ڏني ويندي آهي.

محمد حفيظ سمورن انٽرنيشنل ڪرڪيٽرز کي بائيو مڪينڪ ٽِيسٽ ڪرائڻ جي تجويز ڏني هئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*