بوم بوم شاهد آفريدي ويسٽ انڊيز خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ورلڊ اليون جو حصو نه هوندو

Shahid-Afridi-Cricket-14217

بوم بوم شاهد آفريدي ويسٽ انڊيز خلاف ٽي-ٽوئنٽي ميچ ۾ورلڊ اليون جو حصو نه هوندو، گوڏي جي انجري کان فٽ ٿيڻ لاءِ شاهد آفريدي کي ٽن کان چار هفتا گهربل آهن.

شاهد آفريدي پنهنجي هڪ پيغام ۾ چيو آهي ته دبئي ۾ پنهنجي ڊاڪٽر کان گوڏي جوچيڪ اپ ڪرايوآهي ۽سندس انجري مڪمل طور تي ٺيڪ نه ٿي آهي ۽کيس مڪمل طور تي فٽ ٿيڻ ۾ ٽن کان چار هفته لڳي ويندا ۽ هو گهڻُو پراميد آهي ته جلد فٽ ٿي ويندو.

ويسٽ انڊيز ۽ ورلڊ اليون جي ٽيمن وچ۾ فنڊز گڏ ڪرڻ لاءِ ٽي-ٽوئنٽي ميچ 31مئي تي لارڊز ۾ کيڏي ويندي، جڏهن ته شاهد آفريدي کي مڪمل طور تي فٽ ٿيڻ ۾ ٽن کان چار هفته گهربل آهن،جنهن سبب ويسٽ انڊيز جي ٽيم خلاف رٿيل ميچ هو شامل نه هوندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*