ڀارتي شهر ممبئي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪرڪيٽرز هڪ اڪيڊمي ۾ نوجوانن کي ڪرڪيٽ جي بنيادي ڄاڻ ڏني

india cricket

ڀارتي شهر ممبئي ۾ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ دنيا جي مختلف ملڪن جي ڪرڪيٽرز هڪ اڪيڊمي ۾ نوجوانن کي ڪرڪيٽ جي بنيادي ڄاڻ ڏني.

ڀارتي شهر ممبئي ۾ ڪرڪيٽ راند کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اڳوڻي ڀارتي فاسٽ بالر ظهير خان، ڪينگروز جي بريٽ لي ،ڏکڻ آفريڪي جونٽي روڊز ۽هرشل گبز خاص طور تي شر ڪت ڪئي.

ايونٽ دوران ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر ظهير خان نوجوانن کي بالنگ ڪئي.

ميچ دوران بريٽ لي،جونٽي روڊز،۽هرشل گبز نوجوانن سان گڏ ويهي ميچ کي ڏسو.

ان موقعي تي بريٽ لي ۽ جونٽي روڊز چيو ته نوجوانن ۾ ڪرڪيٽ راند جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ هي اهڙا پروگرام ڪرڻ سٺي ڪوشش آهي ۽ اهو عمل جاري رکڻ گهرجي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*