راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل 13 قيدين جي سزا تي عمل لاءِ بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا

راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ ڦاهي جي انتظار ۾ ويٺل 13 قيدين جي سزا تي عمل لاءِ بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن.

 جيل انتظاميه جي درخواست تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پاران تيرنهن ئي قيدين کي سوليءَ تي ٽنگڻ لاءِ بليڪ وارنٽ جاري ڪيا ويا.

جيل انتظاميه موجب، اڄ ٻن قيدين کي ڦاهي ڏني ويندي، جڏهن ته 4 قيدين کي سڀاڻي سوليءَ تي ٽنگيو ويندو.

 جيل انتظاميه جو چوڻ آهي ته وڌيڪ چار قيدين جي سزا تي عمل 18 مارچ تي ڪيو ويندو، باقي رهيل قيدين کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ ايندڙ هفتي جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي.

 قيدين جا بليڪ وارنٽ جاري ٿيڻ بعد اڊيالا جيل ٻاهران سڪيورٽي جا انتظام انتهائي سخت ڪيا ويا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*