سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 12 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي

سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف جيلن ۾ موت جي سزا ٻڌايل 12 قيدين کي ڦاهي ڏني وئي، جڏهن ته هڪ جوابدار جي ڦاهي تي عمل عين وقت تي روڪيو ويو.

ڊسٽرڪٽ جيل جهنگ ۾ ٽن قيدين کي سوليءَ تي ٽنگيو ويو، مبشر عباس، محمد شريف ۽ رياض کي سخت سڪيورٽي جي پهري هيٺ ڦاهي ڏني وئي.

جوابدار رياض 1995 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته مبشر عباس ۽ محمد شريف 2012 ۾ هڪ ٽيڪسي ڊرائيور کي  اغوا ڪري قتل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌائي وئي هئي.

ڪراچي جي سينٽرل جيل ۾ به قتل جي ٻـِن قيدين محمد فيصل ۽ محمد افضل کي به سوليءَ تي ٽنگيو ويو، ٻنهي جوابدارن 1998 ۾ ڪورنگي واري علائقي ۾ ڦر دوران مزاحمت تي هڪ شخص کي قتل ڪيو هو.

محمد فيصل ۽ محمد افضل کي عدالت کين 1999 ۾ موت جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته سپريم ڪورٽ گذريل ڏينهن ٻنهي قيدين جي سزا تي عمل روڪڻ لاءِ درخواست رد ڪئي هئي.

ميانوالي ۾ به موت جي سزا ٻڌايل قيدين ربنواز  ۽ اقبال جي سزا تي عملدرآمد ڪيو ويو، ربنواز هڪ عورت کي قتل ڪيو هو، جڏهن ته ظفر اقبال 2003 ۾ پنهنجي پيءُ کي قتل ڪيو هو.

راولپنڊي ۾ به قتل جي ٻن جوابدارن کي ڦاهي ڏني وئي، ٻنهي کي قتل ڪيس ۾ موت جي سزا ٻڌايل هئي.

سينٽرل جيل فيصل آباد ۾ به موت جي سزا ٻڌايل قيدي کي ڦاهي ڏني وئي، ڦاهي ڏيڻ کان اڳ جوابدار جي وارثن سان ملاقات ڪرائي وئي ۽ طبي معائنو به ڪرايو ويو.

محمد نواز 1992 ۾ هڪ شخص کي قتل ڪيو هو، جنهن تي عدالت کيس ڦاهي سزا ٻڌائي هئي ۽ 23 سالن کان سندس ڦاهي تي عمل رُڪيل هو.

سينٽرل جيل گوجرانوالا ۾ به موت جي سزا ٻڌايل  هڪ قيدي کي تخته دار تي لٽڪايو ويو، جوابدار 1996 ۾ شادي جي تڪرار تان پنهنجي چاچي کي قتل ڪري ڇڏيو هو،

جڏهن ته ملتان ۾ به راجا وقار نالي هڪ شخص جي ڦاهي تي عمل ڪيو ويو، راجا وقار 1996 ۾ ڦر دوران مزاحمت تي توفيق نالي شخص کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو.

ٻي طرف سينٽرل جيل ڊيرا غازي خان ۾  قتل جي هڪ جوابدار اصغر علي جي ڦاهي تي عمل عين وقت تي روڪيو ويو، فريادي جوابدار کي ڦاهي کان اڳ معاف ڪري ڇڏيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*