نوابشاهه ۾ شيعه ڪائونسل ۽ جعفريه يوٿ پاران فلسطين جي مظلوم عوام جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي آهي

nawabshah shia

نوابشاهه ۾ شيعه ڪائونسل ۽ جعفريه يوٿ پاران فلسطين جي مظلوم عوام جي حمايت ۾ ريلي ڪڍي وئي آهي.

مولانا محمد عالم مري ۽ ممتاز علي سيال جي اڳواڻي ۾ مرڪزي امام بارگاهه ٻاهران ريلي ڪڍي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل بيگناهه فلسطنن جو رت وهائي رهيا آهن، جنهن تي عالمي ادارا خاموش تماشائي بڻيل آهن.

هنن چيو ته جيستائين امت مسلمه متحد نه ٿيندي اوستائين آمريڪا سازشون ڪندو رهيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*