گجرانوالا سينٽرل جيل ۾ لاهور جي رهواسي قيدي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو
گجرانوالا سينٽرل جيل ۾ لاهور جي رهواسي قيدي ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، قيدي پيءُ کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته سندس موت جا ذميوار ساهرا آهن.
پوليس موجب لاهور جي مزنگ چورنگي واسي جاويد پٺاڻ کي گوجرانوالا ۾ زال کي پرچائڻ لاءِ آيل هو، ساهرن کان انڪار تي هن خنجر وار وار ڪري سالي ۽ زال کي زخمي ڪري ڇڏيو هو.
زال جي شڪايت تي پوليس جاويد کي گرفتار ڪري گوجرانوالا سينٽرل جيل ۾ بند ڪري ڇڏيو هو، جتي هن آپگهات ڪري ڇڏيو.
ذريعن موجب، جوابدار آپگهات ڪندڙ جاويد جي لاش وٽان هڪ خط لکيو آهي، جنهن ۾ هن موت جو ذميوار پنهنجي ساهرن کي قرار ڏنو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، قيدي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.