ڳڙهي خيرو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو،واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو آهي

ghari khero

ڳڙهي خيرو ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو،واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويو آهي.

 ڳوٺ بلند  ڏاهاڻي ۾جوابدار صدام ڏاهاڻي ڪلاشنڪوف جو برسٽ هڻي پنهنجي ڀيڻ خانزاديءَ ۽ نوجوان الله بخش عرف سوالي ڏاهاڻي کي قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي ميرانپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ٻنهي جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ ڳڙهي خيرو اسپتال کڻائي آهي.

ڳڙهي خيرو اسپتال ۾ ليڊي ڊاڪٽر نه هئڻ ڪري ناريءَ جو لاش جيڪب آباد سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو پئي ويو.

جڏهن  ته مقتول نوجوان جو لاش ڳڙهي خيرو جي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرڻ کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيو ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيوهو ۽ نه ئي ڪاگرفتاري عمل ۾اچي سگهي هئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*