امريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ مارجي ويل شاگردن ۾ سنڌ ڄائي ڪراچي سان واسطو رکندڙ سبيڪا عزيز شيخ به شامل آهي

usa texas

امريڪا جي رياست ٽيڪساس ۾ مارجي ويل شاگردن ۾ سنڌ ڄائي ڪراچي سان واسطو رکندڙ سبيڪا عزيز شيخ به شامل آهي، امريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري چيو آهي ته سبيڪا جو مڙهه جلد ڪراچي روانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، پاڪستاني سفارتخانو ان معاملي کي ڏسي رهيو آهي.

پرڏيهي خابروا داري موجب گذريل  ڏينهن امريڪا جي رياست ٽيڪساس  جي اسڪول تي هڪ هٿيار بند حملو ڪري فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾  9 شاگرد ۽ هڪ استاد مارجي ويا، جڏهن ته هڪ پوليس اهلڪار به سخت زخمي ٿي پيو هو .

پرڏيهي ميڊيا موجب ٽيڪساس ۾ حملي دوران مارجي ويل شاگردن ۾ سنڌ ڄائي ڪراچي واسڻ شاگردياڻي سبيڪا عزيز شيخ به شامل آهي .

آمريڪا ۾ مقرر پاڪستاني سفير اعزاز چوڌري شاگردياڻي جي مارجڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته  سبيڪا جو مڙهه جلد ڪراچي روانو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.

اعزاز چوڌري جو چوڻ هو ته پاڪستاني سفارتخانو معاملا ڏسي رهيو آهي ۽ شاگردياڻين جي وارثن سان به مسلسل رابطي ۾ آهيون.

سبيڪا جي وارثن جو چوڻ آهي ته سبيڪا 10 مهينن جو ڪورس ڪرڻ لاءِ امريڪا ترسيل هئي، کيس 9 جون تي وطن واپس اچڻو هو.

وارثن جو چوڻ هو ته شاگردياڻي سبيڪا عزيز شيخ امريڪا جي پروگرام( يس ) 2017-18 ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ٽيڪساس ۾ تعليم پرائي رهي هئي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*