ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ڇڏي

ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت، نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ جوابدار پرويز مشرف جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 6 اپريل تي ڪراچي ۾ ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ڪوئيٽا جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج آفتاب احمد لون بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻيءَ دوران اڳوڻو وفاقي گهرو وزير آفتاب احمد شيرپائو، اڳوڻو صوبائي گهرو وزير شعيب نوشيرواني، ڊي جي هيلٿ بلوچستان فاروق اعظم ۽ پرويز مشرف پاران سندس وڪيل اختر شاهه پيش ٿيا.

عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته پرويز مشرف جي طبي معائني لاءِ ميڊيڪل بورڊ قائم ڪيو ويو آهي پر جوابدار پيش نٿو  ٿئي.

پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه چيو ته سندس اصيل عدالتن ۾ پيش ٿيڻ چاهي ٿو پر سڪيورٽي مسئلا آهن، سنڌ سرڪار سڪيورٽي فراهم ڪري مشرف ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ٿيندو.

عدالت، ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن  مشرف کي سڪيورٽي فراهم نٿي ڪئي وئي ته عدالت پاڻ سنڌ حڪومت کي  لکندي.

عدالت پرويز مشرف جي اڄوڪي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪندي کيس 6 اپريل تي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته آفتاب شيرپائو ۽ شعيب نوشيرواني جي به هڪ ڏينهن حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور ڪئي وئي.

عدالت، سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته مشرف کي ميڊيڪل بورڊ آڏو پيشِيءَ دوران سڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي، جنهن بعد ٻڌڻي 8 اپريل تائين ملتوي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*