ڀان سيد آباد ويجهو سن ۾ پوڇڙي جي آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي

bhan syedabad

ڀان سيد آباد ويجهو سن ۾ پوڇڙي جي آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.

الهداد کوسو ۽ قربان علي عمراڻي جي اڳواڻي ۾ سوين آبادگارن انڊس هاءِ وي روڊ کان پيادل 2 ڪلو ميٽر مارچ ڪري اويس پمپنگ اسڪيم جي سب آفيس جي گيٽ اڳيان مظاهرو ڪيو.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي عملدار  شاھ اويس ڪينال تي غيرقانوني واٽر ۽ ناليون لڳائي پڇڙي جي آبادگارن کي پاڻي نه پھچائڻ، انھن جو معاشي قتل عام ڪري رھيا آھن.

هنن چيو ته 20 کان وڌيڪ ڳوٺ گذريل پندرنھن سالن کان پيئڻ جي پاڻي کان به محروم آھن، جنھن جي ڪري انساني حياتين سان گڏوگڏ چوپايو مال به  اڃ وگھي مري رھيو آھي.

هنن اعليٰ اختيارين کان گهر ڪئي ته ڪرپٽ آبپاشي عملي خلاف نوٽيس وٺي پاڻي ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*