ٺارو شاهه ڀرسان پوليس ڪارروائي ڪري نوجوان صدر الدين مهيسر جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

tharushah

ٺارو شاهه ڀرسان پوليس ڪارروائي  ڪري نوجوان صدر الدين مهيسر جي قتل ڪيس ۾ ملوث ڄاڻايل گهربل مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب ٻِئَي جوابدار کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.

ڳوٺ سومر مهيسر ۾ گذريل ڏهاڙي سڱاوتي تڪرار تان جوابدارن نوجوان صدر الدين مهسير کي قتل ڪيو هو، پوليس سندس والد جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو هو.

  ٺارو شاهه پوليس ٻڌايو ته نوجوان صدر الدين جي والد علي نواز مهسير جي فرياد تي 2 ڄڻن عبدالغفار مهيسر ۽ لکمير مهيسر خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو، پوليس ڪارروائي ڪري مک جوابدار عبدالغفار مهيسر کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

ايس ايڇ او اسلم سومرو چيو ته روپوش جوابدار لکمير مهيسر جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڪارروايون جاري آهن، جلد گرفتار ڪيو ويندو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*