لاڙڪاڻي ۾شهرين 7 ورهين جي ٻارڙيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو آهي

larkana bari agwa

لاڙڪاڻي ۾شهرين 7 ورهين جي ٻارڙيءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي هڪ جوابدار کي سوگهو ڪري ورتو آهي.

وليد ٿاڻي جي حد ۾فيصل ڪالوني مان 7 ورهين جي ٻارڙي راشده مغيري کي هڪ شخص مبينا طور اغوا ڪرڻ جي  ڪوشش ڪئي، رڙين تي ڀر ۾ عمارت جو تعميراتي ڪم ڪندڙ مزدور پهچي ويا، جن جوابدار کي سوگهو ڪري ٻارڙيءَ راشده کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو.

جڏهن ته مزدورن سوگهو ڪيل جوابدار وليد ٿاڻي جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن کي ٿاڻي تي منتقل ڪري پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*