سنڌ جي 22 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ لاءِ ٽن ڏينهن واري مهم ٻئي ڏينهن به جاري

سنڌ جي 22 ضلعن ۾ پوليو کان بچاءَ لاءِ ٽن ڏينهن واري مهم ٻئي ڏينهن به جاري آهي، ڪراچي ۾ 23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ناري تعلقي جي يوسي سڪندر آباد ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر تي تشدد خلاف مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

ڪراچي سميت سنڌ جي 22ضلعن ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم جاري آهي، جنهن دوران سڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

ڪراچي ڏکڻ، اولهه ۽ سينٽرل سميت سنڌ جي 22 ضلعن ۾ پوليو مهم جاري آهي، جڏهن ته ڪراچي جي ڪورنگي، ملير ۽ اوڀر سميت سکر، دادو ۽ قمبر ضلعن  ۾ ٻي مرحلي ۾ پوليو مهم هلائي ويندي.

ڪراچي ۾ پوليو مهم سبب سنڌ سرڪار پوليس جي سفارش تي  23 مارچ تائين موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن  به جاري ڪيو ويو آهي.

حيدرآباد، ميرپور خاص، لاڙڪاڻو، ٽنڊو الهيار، ٽنڊو آدم، گهوٽڪي، شڪارپور، بدين، نوابشاهه، ٺٽو، سجاول، ۽ ٻين ضلعن ۾پوليو مهم هلندڙ آهي، جنهن دوران ٽيمون ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري رهيون آهن.

ناري جي ڳوٺ مبارڪ خاصخيلي ۾ گذريل ڏينهن پوليو جا ڦڙا پيارڻ تان ليڊي هيلٿ وڪرو ضميران خاصخيلي ۽ سندس مڙس علي خان خاصخيلي تي مبينا تشدد خلاف يوسي سڪندر آباد ۾ پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

يوسي سڪندر آباد جي 22 ٽيمن فوڪل پرسن ڊاڪٽر  ڊاڪٽر خير محمد راڄپر جي اڳواڻي ۾ يوسي اسپتال ٻاهرن احتجاج رڪارڊ ڪرايو.

ڊاڪٽر خير محمد راڄپر جو چوڻ هو ته ليڊي هيلٿ ورڪر ۽ ان جي مڙس تي ڳوٺ جي بااثر شخص  وزيرعلي خاصخيلي وحشياڻو تشدد ڪيو، پر هيل تائين جوابدار خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي وئي.

هن چيو ته جوابدار وزير علي خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو وڃي،  ٻي صورت ۾ مهم جو بائيڪاٽ  جاري رهندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*