ٽيڪساس ۾ شھيد ٿي ويل ڪراچي واسڻ شاگردياڻي سبيتا عزيز شيخ جي گهر ڀاتين ڪراچي جي گلش اقبال واري علائقي ۾ تڏو وڇايو آهي

sabeeka khi

ٽيڪساس ۾ شھيد ٿي ويل ڪراچي واسڻ شاگردياڻي سبيتا عزيز شيخ جي گهر ڀاتين ڪراچي جي گلش اقبال واري علائقي ۾ تڏو وڇايو آهي، جتي پاڙيسريسن سان گڏ سياسي سماجي اڳواڻن پاران سوڳوار خاندان سان همدردي جو سلسلو جاري آهي.

ٽيڪساس ۾ اسڪول اندر فائرنگ واري واقعي ۾ مارجي ويل ڪراچي واسڻ سبيتا شيخ جو تڏو سندس گلشن اقبال بلاڪ 10 ۾ قائم گهر تي قائم ڪيو ويو آهي.

نينگري سبيتا جي پيءُ عبدالعزيز شيخ موجب پاڪستاني سفارتخاني جون اختياريون ساڻن رابطي ۾ آهن، کين سبيتا جو مڙهه جلد ڏيهه آڻڻ لاءِ سهڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي.

هنن چيو ته مڙهه واپس آڻڻ لاءِ سموريون گهرجون پوريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*