سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾ سخت جُملن جي ڏي وٺ کانپوءِ گوڙ ٿي پيو

sindh assembly

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس دوران مخالف ڌر ۽ حڪومتي ميمبرز وچ ۾ سخت جُملن جي ڏي وٺ کانپوءِ گوڙ ٿي پيو، فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي گوڙ دوران حڪومتي ميمبرز کي جوتا ڏيکاريا، ڊپٽي اسپيڪر رولنگ ڏيندي نصرت سحر عباسي کي ايوان مان ٻاهر ڪڍرائي ڇڏيو.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ٿيو.

ممتاز جکراڻي پاران مخالف ڌر ميمبرز تي بارداڻو وٺڻ جو الزام هڻڻ تي مخالف ڌر ميمبرز احتجاج ڪيو، جنهن تي ممتاز جکراڻي چيو ته ڪنهن ۾ شرم يا حيا هوندو آهي.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته سڀني کي خبر هوندي آهي ته مريضن جي حالت ڇا ٿيندي آهي، جنهن تي فنڪشنل ليگ ميمبرز ۽ اسيمبل ميمبرز وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي پئي.

ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا پاران خاموش ڪرائڻ دوران فنڪشنل ليگ ميمبر نصرت سحر عباسي حڪومتي ميمبرز کي جوتو ڏيکاريو، جنهن تي شهلا رضا چيو ته جوتا ڏيکارڻ ڪهڙي ڳالهه جي ترجماني ڪري ٿي.

ڊپٽي اسپيڪر، رولنگ ڏني ته نصرت سحر عباسي کي اڄ لاءِ ايوان مان ٻاهر ڪيو وڃي.

شهلا رضا چيو ته ايوان کي جوتا اهي ئي ڏيکاري سگهن ٿا، ڇا ڪاڻ ته اهي جنرل ضياءَ جي پيداوار آهن.

ايوان کي بجيٽ معاملي تي آگاهي ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته صحت جي شعبي ۾ سنڌ حڪومت جيڪي ڪم ڪيا آهن، ان جو ٻين صوبن ۾ مثال نٿو ملي.

هن چيو ته سنڌ ريونيو بورڊ ۽ سنڌ بئنڪ جهڙا مثالي ادارا قائم ڪيا آهن، جڏهن ته ڪراچي ۾ به رڪارڊ ترقياتي ڪم ڪرايا ويا آهن.

سعيد غني چيو ته اهو ڪوڙ آهي ته لاڙڪاڻي کي 90 ارب رپيا ڏنا ويا، جڏهن ته لاڙڪاڻي کي 28 ارب رپيا ڏنا ويا.

صوبائي وزير چيو ته فريال ٽالپر خلاف نيب وٽ ڪو به ڪيس ناهي، جڏهن ته پير پاڳاري خلاف نيب جاچ ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته مرد مشماري تي سنڌ حڪومت مختلف فورمز تي آواز اٿاريو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم ڪراچي لاءِ 25 ارب رپيا ته گهريا پر معاملي تي ڳالهه ئي نه  ڪئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*