ايس ايس پي سٽي، لياري ۾ مقرر حد کان وڌيڪ بلڊنگس جي اڏاوت روڪرائيندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي

letter ssp

ايس ايس پي سٽي، لياري ۾ مقرر حد کان وڌيڪ بلڊنگس جي اڏاوت روڪرائيندي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي کي وڌيڪ ڪارروائي لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.

ايس ايس پي سٽي شيراز نظير ڪلهوڙو، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي حد کان وڌيڪ عمارتن جي اڏاوت خلاف ڪارروائي لاءِ خط لکيو آهي.

ايس ايس پي شيراز نظير ڪلهوڙو خط ۾ چيو ته لياري جي ڪلاڪوٽ، ڪلري، بغدادي ۽ چاڪيواڙه ٿاڻن جي حد ۾ تعمير ٿيندڙ 13 عمارتن جو ڪم حد کان وڌيڪ اڏاوت ڪرڻ تي بند ڪرايو ويو آهي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي معاملي ۾ وڌيڪ ڪارروائي ڪري.

ايس ايس پي سٽي چيو ته پوليس لاڳاپيل اختيارين سان معاملي ۾ هر وقت سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*