سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌي لينگوئيج ٽيچرز ۽ لوئر اسٽاف کي پگهارون نه ملڻ واري درخواست تي ڪيس سنڌ سروسز ٽربيونل ڏانهن اماڻي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ  اڳوڻي تعليم واري وزير پير مظهر الحق جي دور ۾ ڀرتي ٿيل سنڌي لينگيو ئيج ٽيچرز ۽ لوئر اسٽاف کي پگهارون نه ملڻ واري درخواست تي ڪيس سنڌ سروسز ٽربيونل ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس عبدالرسول ميمڻ تي ٻڌل بئنچ 1400ايس ايل ٽيز جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو  آهي ته کين ڪجهه سال اڳ ڀرتي ڪيو ويو پر هيل تائين کين پگهارون نه مليون آهن.

عدالت اهڙي درخواست تي ايس ايل ٽيز ۽ لوئر اسٽاف جو معاملو سروسز ٽربيون ڏانهن اماڻي ڇڏيو آهي.

پير مظهر جي دور ۾ ڪراچي ۾ هزارين ايس ايل ٽيز، لوئر اسٽاف ڀرتي ڪيو ويو پر  اهي هيل تائين  پگهارن کان محروم آهن.

قانوني ماهرن  جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران استادن جو ڪيس سروس ٽربيونل ڏانهن موڪلڻ مان ثابت ٿي ويو آهي ته عدالت استادن کي سرڪاري ملازم تسلم ڪيو آهي، جڏهن سنڌ سرڪار استادن جي ڀرتين کي غير قانوني قرار ڏيندي کين پگهارون ڏيڻ کان انڪار ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*