دولتپور صفن ۾ مبينا پوليس حراست دوران فوت ٿي ويل شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن 9 ڏينهن به احتجاج ڪيو

daulatpur student police hathan qatal ahtjaj

دولتپور صفن ۾ مبينا پوليس حراست دوران فوت ٿي ويل شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف وارثن 9 ڏينهن به احتجاج ڪيو، مقتول نوجوان جي پيرسن والد چتاءَ ڏيندي چيو آهي ته 3 ڏينهن اندر جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته هو پاڻ کي باهه ڏئي خودڪشي ڪري ڇڏيندو.

 دولت پورصفن پريس ڪلب اڳيان انٽر جي شاگرد سجاد جوکيو جي وارثن حاجي گلڻ، ڄام جوکيو، علي ڏنو جوکيو، قربان جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهري ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

 الزام هڻندي ميڊيا کي وارثن ٻڌايو ته اڳوڻي ايس ايڇ او قاضي احمد پوليس ساڻن وڏو ظلم ڪيوآهي، 9 ڏينهن گذري ويا پر پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي.

 هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايڇ او کين ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ قتل جون ڌمڪيون ڏئي رهيوآهي، جاچ آفيسر تي به ڪو ڀروسو ناهي 9 ڏينهن ٿي ويا آهن پر جاچ آفيسر رابطو نه ڪيو آهي.

  مقتول نوجوان سجاد جوکيو جي پيرسن پيءُ حاجي گلڻ ڄام جوکيو چتاءَ ڏنو آهي ته 3 ڏينهن اندر گهربل جوابدار گرفتار نه ڪيا ويا ته سيشن ڪورٽ شهيد بينظيرآباد آڏو هُو باهه ڏئي پاڻ کي ساڙي زندگيءَ جو خاتمو ڪري ڇڏيندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*