پاڪستان هندو ڪائونسل جي وفد حب ۾ 9 ڏينهن اڳ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل واپاري جيپال ۽ سندس پٽ گريش ناٿ وارثن سان ملاقات ڪري ڏک جو اظهار ڪيو

hub wapari qatal pee putr

پاڪستان هندو ڪائونسل جي وفد  حب ۾ 9 ڏينهن اڳ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل واپاري جيپال ۽ سندس پٽ گريش ناٿ وارثن سان ملاقات ڪري ڏک جو اظهار ڪيو، هندو ڪائونسل جي اڳواڻن واپارين جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آهي.

پاڪستان هندو ڪائونسل جي صدر گوپال داس، جنرل سيڪريٽري پرشوتم لال ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  وفد  حب ۾ 9 ڏينهن اڳ هٿيار بندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل واپاري جيپال ۽ سندس پٽ گريش ناٿ وارثن سان ملاقات ڪئي.

 هندو ڪائونسل جي اڳواڻن واپارين جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو،  ۽ واقعي ۾  ملوث جوابدار گرفتار نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ  جو اظهار ڪندي، جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ واپارين کي تحفظ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*