قمبر ۾ هڪ ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل ناري کي پوليس شهر جي ٻرڙا ڪالوني مان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪري ورتو آهي

qambar aurat hath

قمبر ۾ هڪ  ڏينهن اڳ گم ڄاڻايل ناري کي پوليس  شهر جي ٻرڙا ڪالوني مان   بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪري ورتو آهي.

سٽي ٿاڻي جي پوليس گم ڄاڻايل ناري بي بي ڪلهوڙو کي شهر جي ٻرڙا ڪالوني ڀرسان روڊ تان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪري ورتو.

هٿ ڪيل ناري جو هن وقت تائين ميڊيڪل چيڪ اپ نه ڪرايو ويو آھي۽ کيس  وومين سينٽر تي رکيو ويو آھي.

قمبر جي ابڙا روڊ ڀرسان رهندڙ عورت زيبل ڪلهوڙو گذريل رات سٽي ٿاڻي تي پنهنجي ڀيڻ بي بي ڪلهوڙو جي گم ٿيڻ جي اين سي داخل ڪرائي هئي.

 پوليس وٽ داخل ڪرايل اين سي ۾ ڄاڻايو هو ته سندس ڀيڻ 18 ورهين جي بيبي گهرن ۾ ڪپڙو وڪرو ڪندي آھي، صبح جو ڪپڙو کڻي وڪرو ڪرڻ لاءِ نڪتي  جنهن بعد واپس نه پهتي آهي.

پوليس موجب ناري کي شهر جي ٻرڙا ڪالوني ڀرسان روڊ تان بيهوشي واري حالت ۾ هٿ ڪيو آھي.

 هوڏانهن معلوم ٿيو آھي ته پوليس هڪ جوابدار کي به گرفتار ڪيو آھي، پر ان کي ظاهر نه پيو ڪيو وڃي.

 پوليس معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آھي ۽ هٿ آيل ناري جو هن وقت تائين ميڊيڪل به نه  ڪرايو ويو آھي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*