ڪراچي جي پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري زمين ۾ پوريل هٿيار ۽ بم هٿ ڪري ورتا

karachi rangers karwai

ڪراچي جي پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ رينجرز ڪارروائي ڪري زمين ۾ پوريل هٿيار ۽ بم هٿ ڪري ورتا.

رينجرز ترجمان موجب پراڻي گوليمار واري علائقي ۾ رينجرز ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري زمين ۾ پوريل 3 ايس ايم جيز، 12 ميگزينز، 2 آوان بم ۽ 2570 مختلف قسمن جا رائونڊز هٿ ڪري ورتا.

رينجرز موجب هٿ ڪيل هٿيار ۽ بم لياري گينگ وار عزير بلوچ گروپ جا هئا، جيڪي شهر ۾ دهشتگردي ۽ بدامني لاءِ استعمال ٿيڻا هئا.

رينجرز ترجمان عوام کي اپيل ڪئي ته دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ ڪنهن به قسم جي شڪي سرگرمي جو فوري طور تي رينجرز جي هيلپ لائين 1101 تي اطلاع ڏنو وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*