دوڙجي ويجهو ڳوٺ دولو ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ گهر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا

dourji gharan khe bah

دوڙجي ويجهو ڳوٺ دولو ۾ بجلي جي شارٽ سرڪٽ مان باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ گهر سڙي رک جو ڍير بڻجي ويا، ڳوٺاڻن موجب فائر بريگيڊ عملي جي دير سان پهچڻ ۽ تيز هوائن سبب  هڪڙي گهر کي لڳل باهه سڄي ڳوٺ کي پنهنجي لپيٽ ۾ آندو.

  بجلي جي شارٽ سرڪٽ جي ڪري ڳوٺاڻي رمضان جي گهر کي لڳل باهه تيز هوائن جي ڪري ڏسندي ئي ڏسندي منٽن ۾ پوري ڳوٺ دولي کي وڪوڙي وئي.

 باهه لڳڻ ڪري ڳوٺ ۾ هر طرف روڄ راڙو ڦهلجي ويو، عورتون پنهنجا ٻار ڳولينديون رهيون، ڳوٺاڻا صرف پنهنجيون جانيون بچائي سگهيا آهن، گهرن ۾ موجود سندن الهه تلهه باهه جي نظر ٿي ويو، جڏهن ته ڪافي چوپايو مال پڻ سڙي مري ويو، جنهن ۾ ٻڪريون ۽ ٻيا ڍور شامل آهن.

 اطلاع تي ڀرپاسي جي ڳوٺن ۽ دوڙ شهر مان به ماڻهن جو وڏو انگ ڳوٺاڻن جي مدد لاءِ پهچي ويو، جڏهن ته بلديه دوڙ جي هڪڙي فائر بريگيڊ گاڏي باهه وسائڻ جي لاءِ واقعي واري هنڌ پهتي، پر تيز هوا سبب باهه تي ضابطو نه اچي سگهيو، جنهن جي نتيجي ۾ڳوٺاڻن جو وڌيڪ نقصان ٿيو.

 باهه لڳڻ سبب سوين بي گهر ٿيل ڳوٺاڻا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

 متاثرن ۾ مختيار علي، محمد طفيل آرائين، محمد شعبان آرائين، محمد اقبال آرائين، نذير آرائين، لياقت اڪبر، لال دين، عارف، شوڪت آرائين ۽ ٻيا شامل آهن.

 هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن مالي سهائتا ڪئي وڃي ته جيئن هو ٻيهر پنهنجا گهر ٺاهي سگهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*