دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائين زيرو تان گرفتار ايم ڪيو ايم جي عبيد ڪي ٽو سميت 25 جوابدارن جي ملاقات واري درخواست رد ڪري ڇڏي

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت نائين زيرو تان گرفتار ايم ڪيو ايم جي عبيد ڪي ٽو، نادر شاهه، محمد عامر خان، فيصل موٽا ۽ عبدالقادر سميت 25 جوابدارن جي ملاقات واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

رمانڊ تي پوليس حوالي ٿيل 25 جوابدارن جي وارثن ڪراچي جي دهشتگرد ٽوڙ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائيندي استدعا ڪئي ته جوابدارن سان سندن ملاقات  نٿي ڪرائي وڃي.

عدالت عبيد ڪي ٽو، نادر شاهه، محمد عامر خان، فيصل موٽا ۽ عبدالقادر سميت 25 ڪارڪنن جي ملاقات واري درخواست رد ڪندي چيو آهي ته جاچ دوران مداخلت نٿي ڪري سگهجي.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 25 جوابدارن کي 25 مارچ تائين رمانڊ تي مختلف ٿاڻن جي پوليس حوالي ڪيو هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*