چائنه، چنڊ جي اونداهين پاسي تي تحقيق ڪرڻ لاءِ سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو آهي

china satlle lite

چائنه، چنڊ جي اونداهين پاسي تي  تحقيق ڪرڻ لاءِ سيٽلائيٽ خلا ۾ روانو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي ذريعي چنڊ ۽ زمين وچ ۾ رابطو به قائم ڪري سگهبو.

چائنه نيشنل اسپيس ايڊمنسٽريشن موجب سيٽلائيٽ سسٽم کي شي چنگ خلائي سينٽر تان هڪ راڪيٽ ذريعي خلا موڪليو ويو، جيڪو زمين کان 4 لک 55 هزار ڪلوميٽر مدار تائين پهچندو.

 ميڊيا موجب سيٽلائيٽ نظام کي “ڪوڪيويا” جو نالو ڏنو ويو آهي، جنهن سان چنڊ جي زمين تان نه نظر ايندڙ حصن تي تحقيق ڪئي ويندي.

 واضح رهي ته چين ايندڙ سال خلائي اسٽيشن قائم ڪرڻ جومنصوبو به ٺاهي رهيو آهي………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*