والاريل ڪشمير ۾ آزادي پسند اڳواڻ مير واعظ مولوي محمد فاروق جي ورسي جي موقعي تي مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي

india kashmir

والاريل ڪشمير ۾ آزادي پسند اڳواڻ مير واعظ مولوي محمد فاروق جي ورسي جي موقعي تي مڪمل هڙتال ڪئي پئي وڃي، وادي ۾  بازارون مڪمل بند ۽ ٽرانسپورٽ روڊن تان غائب آهي.

 والاريل ڪشمير جي آزادي پسند تنظيمن جي ڏنل هڙتال جي سڏ کي واپارين ڀرپور موٽ ڏني، سري نگر ۽ وادي جي ٻين شهرن ۾ صبح سوير کلي ويندڙ دڪان بند آهن، روڊ رستا به مڪمل طرح ويراني جو منظر پيش ڪري رهيا آهن.

 ٻئي طرف هڙتال جي موقعي تي ڀارتي قابض فورسز پاران مختلف شهرن ۾ گشت جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سبب اتي ڪرفيو جهڙيون حالتون پيدا ٿي ويون آهن.

 واضح رهي ته مير واعظ مولوي محمد فارق کي 1990ع ۾ شهيد ڪيو ويو هو…..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*