ڦاهي جي سزا ٻڌايل صولت مرزا کي 19 مارچ تي بلوچستان جي مچ جيل ۾ ڦاهي ڏني ويندي

 ڦاهي جي سزا ٻڌايل صولت مرزا کي 19 مارچ تي بلوچستان جي مچ جيل  ۾ ڦاهي ڏني ويندي،سندس زال ۽ ٻين گهر ڀاتين صولت مرزا سان جيل ۾ آخري ملاقات ڪئي آهي، صولت مرزا کي  ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ سندس وارثن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست به داخل ڪرا ئي آهي

ڪي اي ايس سي جي اڳوڻي ايم ڊي شاهد حامد جي قتل ڪيس  ۾ ڦاهي جي منتظر  صولت مرزا جي ڀيڻ نگهت ، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته سندس ڀاءُ کي 19 مارچ تي ڦاهي جي سزا اچڻي آهي ، ان سان آخري ملاقاتون ڪرايون پيون وڃن، ان ڪري صولت مرزاکي مچ کان ڪراچي منتقل ڪيو وڃي.

درخواست ۾ اهو به موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته صولت مرزا سان ملاقات لاءِ هو ڳرا خرچ برداشت نٿا ڪري سگهن.

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت  ڪجهه ڏينهن اڳ صولت مرز ا کي 19 مارچ تي ڦاهي ڏيڻ لاءِ بليڪ وارنٽ جاري ڪيا هئا.

صولت مرزا سان مچ جيل ۾ سندس ڀيڻ، زال، ڌي ۽ پٽ آخري ملاقات ڪئي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*