آمريڪي رياست ٽيڪساس جي اسڪول ۾ فائرنگ ڪري 10 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابداردمتري پاگورٽز پوليس کي ڏنل بيان

texas firing

آمريڪي رياست ٽيڪساس جي اسڪول ۾ فائرنگ ڪري 10 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابداردمتري پاگورٽز پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته ڪجهه شاگردن کي صرف ان لاءِ ڇڏي ڏنو ته هو منهنجي ڪهاڻي ٻڌائي سگهن.

 آمريڪي رياست ٽيڪساس جي اسڪول ۾ 10 ڄڻن کي قتل ڪندڙ جوابدار خلاف عدالتي ڪارروائي جو آغاز ٿي ويو، جوابدار پوليس کي ڏنل بيان ۾ چيو آهي ته هن ڪجهه شاگردن کي ان لاءِ ڇڏي ڏنو ته هو منهنجي ڪهاڻي ٻڌائي سگهن.

 عملدارن چيو ته جوابدار خود کي پوليس جي حوالي ڪرڻ کان پهريان ساڻن فائرنگ جي ڏي وٺ ڪئي، جوابدار پاڻ سان گڏ بم به کڻي آيو هو جيڪي ناڪاره نڪتا.

 واضح رهي ته جوابدار واقعي واري ڏينهن سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي هڪ ٽي شرٽ جي تصوير به پوسٽ ڪئي جنهن تي “بارن ٽو ڪِل” جا لفظ تحرير ٿيل هئا.

 پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار جو ٽرائل شروع ٿي ويو آهي، جوابدار پوليس ۽ عدالتي عملي سان سهڪار ڪري رهيو آهي ۽ واقعي ۾ قتل غارت جو اعتراف ڪري چڪو آهي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*