آمريڪا جي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو سياسي مقصدن لاءِ پنهنجي چونڊ مهم ۾ ايف بي آءِ جي مداخلت جي باري ۾ جاچ جو مطالبو ڪندو

 usa trump tweet

            آمريڪا جي صدر ٽرمپ چيو آهي ته هو سياسي مقصدن لاءِ پنهنجي چونڊ مهم ۾ ايف بي آءِ جي مداخلت جي باري ۾ جاچ جو مطالبو ڪندو.

               پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ٽرمپ چيو ته هو ڄاڻڻ چاهي ٿو ته ڇا اڳوڻي انتظاميا هِن طرح جي ڪنهن ڪارروائي جو حڪم ڏنو هو يا نه؟

              ياد رهي ته ايف بي آءِ پهريان ئي سن 2016ع جي صدارتي چونڊن جي معاملن بابت جاچ ڪري رهيو آهي.

              صدر ٽرمپ پاران جاچ جو مطالبو گذريل ڏينهن سندس مختلف ٽوئيٽس ۾ سامهون آيو، جنهن ۾ هن “ جادوگرياڻي جي تلاش” تي ملامت ڪندي چيو ته روس جي سازش ثابت نه ٿي سگهندي……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*