لاهور ڌماڪن کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اها به بدترين دهشتگردي آهي، چوڌري نثار

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار لاهور سانحي کانپوءِ ٻن ڄڻن کي جيئرو ساڙڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ ۾ ملوثڻ خلاف سخت ڪارروائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته يوحنه آباد ۾ پيش آيل سانحي کانپوءِ رد عمل کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ٻن ڄڻڻ کي جيئرو ساڙڻ بدترين دهشتگردي آهي، شڪارپور سانحي کانپوءِ به اهڙو رد عمل سامهون نه آيو هو.

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو ته لاهور سانحي ۾ 21 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ 10 مسيحي برادري جا ماڻهو، 5 مسلمان به شامل  هئا، ٻن زخمين بعد ۾ اسپتال ۾ دم ڏنو،  2 ڄڻا گاڏي جو ٽڪر لڳڻ سبب فوت ٿيا، جڏهن ته ٻن ڄڻن کي جيئرو ساڙيو ويو.

هـُن چيو ته لاهور سانحي جي هر سياسي پارٽي مذمت ڪئي آهي، پر سانحي بعد آيل رد عمل کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، لاهور ڌماڪن کانپوءِ جيڪو ڪجهه ٿيو اها به بدترين دهشتگردي آهي.

چوڌري نثار چيو ته ٻن ڄڻن کي جيئرو ساڙڻ سان جمهوريت، عدليه ۽ قانون جو مذاق اڏايو ويو آهي، جڏهن ته اهڙي عمل سان پاڪستان جي سڄي دنيا ۾ ساک پڻ خراب ٿي آهي.

وفاقي گهرو وزير چيو ته هڪ باهه دهشتگرد لڳائي رهيا آهن، ٻي اسان پنهنجي هٿ سان لڳايون پيون، اهڙو ڪهڙو طريقو آهي جو تيلي دهشتگرد اڇلائين ۽ باهه اسان ڏيون، دهشتگرد واقعن کانپوءِ اهڙي قسم جو رد عمل اچڻ بدران ٻڌيءَ جو ثبوت ڏنو وڃي.

هن وڌيڪ چيو ته نائين اليون ۽ فرانس ۾ رسالي جي آفيس تي حملن سميت سڄي دنيا ۾دهشتگردي جا وڏا واقعا ٿيا آهن پر اهڙي قسم جو رد عمل سامهون  ناهي  آيو.

گهرو وزير ايوان ۾ اعلان ڪيو ته لاهور سانحي کانپوءِ ٻن ڄڻن کي جيئرو ساڙڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، واقعن ۾ ملوث هڪ -هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪيو ويندو.

ايوان کي آگاهي ڏيندي چوڌري نثار چيو ته شڪارپور ۾ امام بارگاهه تي حملو ڪندڙ دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سنڌ پوليس ۽ انٽيليجنس جي گڏيل سهڪار سان کين ڪاميابي ملي آهي.

چوڌري نثار جو اهو به چوڻ هو ته دهشتگردن خلاف سڀني جي جنگ سڀني جي مشاورت سان شروع ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ ڪاميابي ماڻي ملڪ کي پر امن بڻايو ويندو.

وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج ۽ سرڪار هڪ پيج تي آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*