ڪنڌڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪندي 5 مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪري ڇڏي

ڪنڌڪوٽ پوليس ڪارروائي ڪندي 5 مبينا ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته جوابدار اغوا، ڌاڙن ۽ ٻين ڪيسن ۾ گهربل آهن.

ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ عمر طفيل موجب بخشاپور ويجهو ڪارروائي ڪندي مقابلي بعد 5 ڏوهارين کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايس پي چيو ته گرفتار جوابدارن ۾ مرتضيٰ ڀنگوار، فريدڀنگوار، نور حسن ڀنگوار ۽ ٻيا شامل آهن، جن وٽان هڪ ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا هٿيار مليا آهن.

ايس ايس پي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جوابدارن تي اغوا، ڦرون،ڌاڙا، چويون ۽ ٻيا ڪيس داخل ٿيل آهن، جن کان وڌيڪ چاج ڪئي پئي وڃي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*